ٿڙا صاحب گردوارو، اُچ شريف

ٿڙا صاحب گردوارو، اُچ شريف

ٿڙا صاحب گردوارو اُچ شريف

ٿڙا صاحب گردوارو، اُچ شريف: سکن جي هيءَ عبادتگاهه ضلعي بهاولپور جي تعلقي احمد پور شرقيه جي مشهور شهر اُچ شريف ۾ سيد سُرخ جلال بخاريءَ جي مزار جي اترئين پاسي هڪ کوهه جي صورت ۾موجود آهي، جنهن کي گرونانڪ جو کوهه يا عام طور ’ڪراڙي جو کوهه‘ چيو ويندو آهي.
هي سرن جو ٺهيل تمام وڏو کوهه آهي، جنهن جي آسپاس ڪنهن به عمارت جا آثار نٿا ملن. کوهه جي مٿان پڳ به اڏيل ڪانهي. کوهه جي اندرئين پاسي قدرتي طور هڪ وڻ ڦٽل آهي، هن مقام تي سنتن وٽ، گرونانڪ جون پنج يادگار شيون ملن ٿيون، (1) پيرن ۾ پائڻ واري ڪاٺ جي سينڊلن جي جوڙي، (2) هڪ لٺ، (3) پٿر جو هڪ گُرز،
(4) پٿر جا ڪڙا ۽ (5) هڪ فوٽ جي ٻيڙي، جنهن تي ويهي گرونانڪ سک مت جي پرچار ڪئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو